ايس سي شاهاڻي لا ڪاليج

ايس. سي. شاهاڻي لا. ڪاليج: هيءُ ڪاليج 1925ع ۾ ڪراچي شهر ۾ قائم ڪيو ويو. هن ڪاليج جو مقصد سنڌ ۾ قانون جي تعليم کي عام ڪرڻ هو. شروع ۾ هن ڪاليج ۾ ڪراچيءَ جا مشهور ۽ جهونا وڪيل قانون جي تعليم ڏيندا هئا. هن ڪاليج جو شروع ۾ نالو ”سنڌ ڪاليجئيٽ بورڊ لا ڪاليج“ هو. بعد ۾ هن ڪاليج کي پرنسپال مسٽر ايس. سي. شاهاڻيءَ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو